ڀٽو آمنه بيگم

ڀٽو، آمنه بيگم: آمنه بيگم ڀٽو 23 جولاءِ 1923ع تي احمد قريشيءَ جي گهر ۾ ايران جي هڪ شهر ۾ جنم ورتو. بعد ۾ پنهنجي والدين ۽ وڏي ڀاءُ علي محمد قريشيءَ وٽ رهڻ لڳي،جيڪو سنڌ گورنمينٽ پرنٽنگ پريس ڪراچي ۾ ملازم هو. حنيفه ٻائي مشن اسڪول ميمڻ محله آرام باغ ڪراچي مان ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ بعد مڊل جو امتحان پاس ڪري گورنمينٽ پرائمري اسڪول گذري اپ ڪراچي ۾ بحيثيت پرائمري ٽيچر مقرر ٿي. اتي علي محمد ڀٽي ۽ محمد اسماعيل ڀٽي جو خاندان رهندو هو. آمنه بيگم ڀٽو جي شادي محمد اسماعيل ڀٽي سان ٿي، جيڪو قائد اعظم محمد علي جناح جو پي . اي هو ۽ قائداعظم پاڪستان جو گورنر جنرل هو. محمد اسماعيل ڀٽو 1947ع کان پوءِ خواجه ناظم الدين جو پي اي ٿيو ۽ سندس سرڪاري رهائشگاهه موجوده گورنر هائوس سابقه گورنر جنرل هائوس ڪراچيءَ ۾ هئي. کيس چار پٽ ۽ پنج نياڻيون آهن.

آمنه بيگم ڀٽو کي 1967ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي گذارش ڪئي ته مرتضيٰ ڀٽو، بينظير ڀٽو، صنم ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو کي نماز جي تربيت سان گڏ اسلاميات ۽ اردوءَ جي تعليم ڏئي. جنهن لاءِ آمنه بيگم ڀٽو عصر جي نماز وقت کين پڙهائڻ لاءِ 70 ڪلفٽن ويندي هئي. آمنه بيگم ٻه حج ۽ ٽي عمرا ڪيا. آمنه بيگم 30 نومبر 2007ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي. کيس ميوا شاهه قبرستان نزد گارڊن ڪراچي ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو